ديوداس ناول

ديوداس ناول

ديوداس ناول

ديوداس ناول

ديوداس ناول

ديوداس (ناول): ’ديوداس‘، ناول بنگالي زبان جي مشهور اديب، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار شرت چندر چئٽرجيءَ 1917ع ۾ لکيو هو. هي هڪ رومانوي ناول آهي، جنهن جا مُکيه ڪردار ديوداس، پاروتي ۽ چندرمُکي آهن. ديوداس نالي نوجوان بنگال جي هڪ آسودي برهمڻ خاندان ۾ ڄائو هو ۽ پارُو (پاروتي) وچئين ڪلاس جي هڪ واپاري خاندان سان واسطو رکندي هئي. ديوداس ۽ پاروءَ جا مائٽ هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، جتي ديوداس ۽ پارو ننڍپڻ جا دوست هئا. ديوداس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 13 سال ڪلڪتي ۾ وڃي رهيو، ۽ جڏهن تعليم مڪمل ڪري ڳوٺ موٽيو ته پاروءَ کي پنهنجي ننڍپڻ جي پيار جي تڪميل شاديءَ جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ آئي. پاروءَ جي مائٽن، ديوداس جي مائٽن سان اهڙي رشتي جي ڳالهه ٻولهه ڪڍي. جڏهن پاروءَ جي ماءُ ديوداس جي ماءُ وٽ رشتو کڻي آئي ته هُن اهو چئي سندس بيعزتي ڪئي ته ”اسان اعليٰ خاندان جا آهيون، تنهنڪري توهان جي سماجي رتبي کي ڏسي هيءَ شادي نٿي ٿي سگهي.“ پوءِ پاروءَ جي ماءُ پنهنجيءَ ڌيءَ جو رشتو ڪنهن وڏي خاندان ۾ ڪرڻ جو سوچيو. ان وچ ۾ پارو ۽ ديوداس جون ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ ديوداس پنهنجي پيءُ تي پاروءَ جي رشتي لاءِ زور ڀريو، پر اُن به انڪار ڪري ڇڏيو. ديوداس مايوس ٿي ڪلڪتي موٽي ويو، جتان پاروءَ کي خط لکيائين ته ”اسان صرف دوست رهي سگهون ٿا“، ترت ئي هن محسوس ڪيو ته کيس ائين نه لکڻ کپي ها ۽ هن ڳوٺ موٽي پاروءَ کي يقين ڏياريو ته پاڻ پنهنجي پيار جو ڀرم رکنداسون. ان وچ ۾ پاروءَ جي مائٽن سندس شادي هڪ ٻارن واري شخص سان ڪرائي ڇڏي، جنهن جي من ۾ پاروءَ لاءِ ڪا به محبت نه هئي. ڪلڪتي ۾ ديوداس کي سندس دوست چوني لال چندر مکي نالي هڪ ڇوڪريءَ سان واقفيت ڪرائي، جيڪا ديوداس جي پيار ۾ ڦاسي پئي. ديوداس تمام گهڻو نشو ڪرڻ شروع ڪيو. سندس من ۾ پاروءَ ۽ چندر مکيءَ جي پيار ڇڪتاڻ پيدا ڪري وڌي ۽ هو سخت بيمار رهڻ لڳو، جڏهن هن جي صحت بلڪل ڪِري پئي ته هو گهر موٽيو ۽ هڪ سرد ۽ اونداهي رات جو گهر پهچندي دروازي تي ئي دم ڏنائين. جڏهن پاروءَ کي اها خبر پئي ته هوءَ ديوانا وار ديوداس جي گهر ڏانهن وٺي ڀڳي، پر سندس مائٽن کيس روڪي ورتو.
هي ناول بنگال جي اوڻيهين صديءَ جي اوائلي سماجي زندگيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ هڪ سچي پيار ڪهاڻيءَ جو انت ٿئي ٿو.
هي ناول نه رڳو ترجمو ٿيو، پر ان تي بنگالي، هندي، تيليگو، تامل ۽ اردو زبانن ۾ فلمون به ٺهيون، جڏهن ته هن ناول جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيو. سنڌي زبان جا مشهور ليکڪ هري موٽواڻي، نارائڻ ڀارتي ۽ ٻيا شرت چندر جي هن ناول توڙي ٻين ناولن کان تمام گهڻو متاثر رهيا. نارائڻ ڀارتي ته شرت چندر تي ’شرت بابو‘ نالي سنڌي زبان ۾ هڪ ڪتاب به لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو